ڊاڪٽر رجب ميمڻ

ڊاڪٽر رجب ميمڻ: ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ 5 اپريل 1944ع تي دڙي، ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو. 1966 ۾ سنڌ يونيورسٽي مان بي ايس سي، 1969 ۾ سنڌ يونيورسٽي مان زراعت ۾ ايم ايس سي، 1975 ۾ فيصل آباد زرعي يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي، بعد ۾ آمريڪا جي منيسوٽا يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ۽ آئيوا اسٽيٽ يونيورسٽي مان پوسٽ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ڪري زرعي يونيورسٽيءَ ۾ تدريسي ۽ تحقيق سان وابسته ٿيو، جڏهن ته هن ايل ايل بي جو امتحان به پاس ڪيو، هن زرعي يونيورسٽي ۾ ليڪچرار طور پنهنجي پيشيوراڻي زندگي جي شروعات ڪئي، ساڳي اداري ۾ پروفيسر ۽ ايگريڪلچر ايڪانامڪس اينڊ رورل سوشيالوجي ۾ چيئرمين رهيو، جڏهن ته سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر طور تقريبن ٽن سالن تائين ذميواريون نڀايون، هن پنهنجي دور ۾ نون شعبن جي جوڙجڪ ۽ سوشل سائنسز فيڪلٽي جو بنياد وڌو، ڊاڪٽر اي ايم شيخ آڊيٽوريم هال ۽ ايگريڪلچرل ايجوڪيشن، ايڪسٽيشن اينڊ شارٽ ڪورسز جي عمارت جو ان وقت جي وزير اعليٰ سيد غوث علي شاهه کان افتتاح ڪرايو. ڊاڪٽر رجب ميمڻ 1995 کان 1998 تائين وائيس چانسلر واري مدي ۾ يونيورسٽي جي ترقي، شعبن جي جوڙجڪ کان علاوه اداري کي درپيش خساري مان ڪڍڻ لاءِ بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جو به پروگرام شروع ڪيو.ڊاڪٽر رجب ميمڻ رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ملڪ جي مختلف سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارن سان گڏجي مسلسل تدريسي، تحقيقي سروي جا ڪم سرانجام ڏنا، هن ڪيترن ئي شاگردن کي ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي ڪرائي، هن سنڌ ڪوسٽل ڪميونٽي ڊولپمينٽ پروجيڪٽ (ايس سي سي ڊي پي) جي ٽيم سربراهه، ورلڊ فوڊ پروگرام ۾ ٻاهرين صلاحڪار، سنڌ ڪوسٽل ڪميونٽي ڊولپمينٽ پروجيڪٽ ۾ ٽيم ليڊر، اينگرو ڪول لميٽڊ ۾ سوشل سائنسسٽ ۽ پبلڪ ڪنسلسٽنٽ اسپيشلسٽ، سنڌ سرڪار جي اي ڊي بي، آبپاشي ۽ پاور کاتي جي صلاحڪار، پي ايف ايف ٽروڪيئر انٽرنيشنل جي ٽيم ليڊر، ڊبليو ڊبليو ايف ڪراچي آفيس ۾ ٽيم ليڊر، سائوٿ ايشيا پارٽنرشپ پاڪستان، لاهور لاءِ سينئر اقتصادياتي ماهر، هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي سينٽرل رورل ڊولپمينٽ ڪميونيڪيشن ۾ پروفيسر طور ليڪچر ڏيڻ، هگلر بيلي پاڪستان ۽ دي ڪنسرن (عالمي سطح تي) سماجي تشخيص جو صلاحڪار، ايڪشن ايڊ پاڪستان لاءِ تشخيصي ماهر ۽ ٽيم جي اڳواڻ، اي ڊي بي سنڌ جي ورلڊ بينڪ اقتصادي رپورٽ لاءِ اقتصادي ماهر، انٽرايڪٽ ورلڊ وائيڊ، برطانيه ۽ پاڪستان جي لاءِ فيملي پلاننگ ايسوسيئيشن جي ٽيم اڳواڻ ۽ ايم اينڊ اي ماهر، آءِ يو سي اين پاڪستان ڪراچي جي ٽيڪنيڪل صلاحڪار، سنڌ جي ٻيلي واري کاتي ۽ سنڌ ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي ڪراچي ۾ سماجي ۽ اقتصادي ماهر، اين او وي آئي بي - ٿرديپ ڳوٺاڻي ترقياتي پروگرام ۾ ٽيم اڳواڻ ۽ زرعي اقتصادي ماهر، پريميئر آئل ڪمپني / ايڇ بي پي لميٽيڊ جي سماجي اقتصادي ۽ عوامي مشاورت جي ماهر طور پنهنجون خدمتون انجام ڏنيون.ڊاڪٽر رجب ميمڻ سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ ميريٽوريس پروفيسر هجڻ سان گڏ تعليم دوست، ترقي پسند خيال ۽ ادبي سرگرمين سان سلهاڙيل رهيو. هن سائنس جي موضوع تي ڪيترائي ريسرچ پيپر لکيا، ۽ سندس ڪجهه ڪتاب پڻ ڇپيا. پاڪستان بوڪ فائونڊيشن ڊاڪٽر رجب ميمڻ جو ڪتاب ”ايڪانامڪس ميٿڊس“شايع ڪرايو، ڊاڪٽر رجب ماهيگيرن جي مسئلن، ڳوٺاڻي ترقي ۽ غربت جي خاتمي بابت منصوبن تي گهرائي سان اسٽڊي ڪئي ۽ پنهنجون سفارشون ۽ مقالا شايع ڪرائيندرو رهيو.کيس علمي، تدريسي ۽ تحقيقي سرگرمين جي مڃتا طور 28 آگسٽ 1993 تي اعزاز فضليت جي صدارتي ايوارڊ، گولڊ ميڊل ۽ انعام سان نوازيو ويو، ڊاڪٽر رجب ميمڻ، پاڪستان سوسائٽي آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس اسلام آباد جو ميمبر، ايشيا پئسفڪ رورل فنانس سوسائٽي بينڪاڪ، ٿائيلينڊ جو تاحيات ميمبر، ايشيا پيسيفڪ ايسوسيئيشن آف ايجوڪيشن ان ايگريڪلچر اينڊ انوائرمينٽ فلپائن جي يونيورسٽي لاس بنوس جو بنيادي ميمبر، گاما سگما ڊيلٽا- زراعت جي اعزاز واري سوسائٽي آمريڪا جو ميمبر، بورڊ آف ڊائريڪٽرس ۽ جنرل باڊي، پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ اسلام آباد جو ميمبر، سوشل سائنسز ۾ ٽيڪنيڪل ڪميٽي، پاڪستان زرعي تحقيقاتي ڪائونسل اسلام آباد جو ميمبر، خوراڪ ۽ زراعت واري وفاقي وزارت جي زراعت تي ٻڌل ننڍين صنعت جي خانگائڻ بابت جائزي لاءِ قائم ڪيل فيڊرل ڪميٽي جو ميمبر، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي سئنڊيڪٽ جي ميمبر ۽ انساني حقن وارو ڪميشن حيدرآباد چيپٽر جي حيثيت ۾ سماجي ۽ انساني معاملن تي متحرڪ ۽ اسپيڪر رهيو. ڊاڪٽر رجب ميمڻ 100 کان وڌيڪ تربيتي ڪورسن جو آرگنائيزر، ڪوآرڊينيٽر، ماسٽر ٽرينر رهيو ۽ زندگي جي آخري لمحن تائين مسلسل سرگرم رهيو.ڊاڪٽر رجب ميمڻ رسول بخش پليجي سان گڏ 1970 ۾ عوامي تحريڪ جي بنياد وجهڻ دوران بنيادي اڳواڻن مان هڪ هو، ڪجهه عرصو سياسي طور ان سان گڏ هجڻ بعد نظرياتي اختلافن بعد سياست کان پاسيرو ٿي ويو. هن جو ادب سان به گهرو لڳاءُ هو، هن جو پسنديده شعبو شاعري هو، هن شاعري به ڪئي ۽ ”رجب ضياءُ“ جي تخلص سان شاعري ڪندو رهيو. رٽائرمينٽ کانپوءِ ڊاڪٽر رجب ميمڻ ٻيهر سياست جي شروعات ڪئي ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ شموليت ڪئي. کيس پارٽي جو جنرل سيڪريٽري ۽ بعد ۾ سينئر وائيس چيئرمين جي عهدي تي چونڊيو ويو، هن ٽنڊوڄام ۽ قاسم آباد تي ٻڌل قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 225 تي ايم اين اي جي اميدوار طور چونڊ وڙهي. ڊاڪٽر رجب ميمڻ جون ٻه شاديون هيون، جنهن مان کيس 4 پٽ ۽ ٻه نياڻيون آهن. هن 25 جولاءِ 2021ع تي هي جھان ڇڏيو.


لفظ ڊاڪٽر رجب ميمڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.04.05  عيسوي

ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ 5 اپريل 1944ع تي دڙي، ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو.


2021.07.25  عيسوي

ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ 25 جولاءِ 2021ع تي هي جھان ڇڏيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سليم ڀٽو لطيفي
رانا سي راٺوڙ
ٻانهون خان شيخ
آسر فقير
رمضان جت
دين محمد ڪنڀار
محمد عمر ٿهيم
بهاءُ الدين بهائي
الهبچايو ڪرهيي پوٽو
پاڻيڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون